13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ| ڏهرڪي: متاثر عورت پاران مڙس جي ظلم خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻي عورت مڙس پاران ڪارنهن الزام مڙهي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو. ديهه گوهه جي رهواسڻ مسمات ڪائنات پنهجن ٻن پٽن ۽ پيءُ سان گڏجي پريس ڪلب پهچي مڙس خلاف دانهيو. متاثر عورت جو چوڻ هو ته هن جي ڀاءُ جي بدي ۾ شادي ٿيل …

تفصيل »

رپورٽ| خيرپور: ڳوٺاڻي جو ڀائرن جي زيادتي خلاف احتجاج

*خيرپور ۾ ڳوٺاڻي ڀائرن پاران تشدد ڪرڻ ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو . پريالوءِ جي رهواسي عرض محمد مهر پريس ڪلب پهچي دانهيندي ٻڌايو ته سندس ست جريب زمين آهي. سندس وڏو ڀاءُ خادم مهر هارين سان ملي ڪري زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. …

تفصيل »

رپورٽ| اوٻاوڙو: ساجد ڪلوڙ ۽ غلام محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

*اوٻاوڙو ضلع ايڪشن ڪميٽي طرفان 26 ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل ساجد ڪلوڙ ۽ معصوم غلام محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽائڻ لاءِ مين ڀٽائي چوڪ تي احتجاج ڪيويو . ان موقعي تي  ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر زاهد ميراڻي، اليا ملڪ ، …

تفصيل »

رپورٽ| سڳيون: جشن عيد ميلاد النبي جي حوالي سان تقريب

*سڳيون  ويجهو جشن عيد ميلاد النبي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. ڳوٺ مولوي محمد هاشم ڪلهوڙو  جي اسڪول ۾  جشن آمد رسول جي مناسبت سان تقريب ڪوٺائي وئي . منير احمد چنه صداقت علي چنا، محمد ياسين برڪت علي ۽ خليفو عبدالله سميت هزارين ماڻهن جشن ۾ شرڪت ڪئي …

تفصيل »

رپورٽ| چمبڙ: تنظيم فخر وفا غازي عباس پاران جشن عيدميلادنبي جي حوالي سان ريلي

چمبڙ ۾  انجمن حيدري مان  تنظيم فخر وفا غازي عباس جي  طرفان مرڪزي امام بارگاھ انجمن حيدري مان جشن عيدميلادنبي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي . ريلي ۾ چمبڙ توڙي ڀر پاسي جي شهرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري رحمت العالمين سان محبت جو اظهار ڪيو ويو ريلي …

تفصيل »

” سنڌوءَ تي ڊيم ۽ ڪارڪنن کي کنڀڻ نامنظور“ سڪرنڊ ۾ مارچ، ڌرڻو

سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي)سنڌو درياءَ تي وڏا ڊيم ٺاهڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ مان جبري گمشدگين  خلاف قومپرست جماعتن پاران سڪرنڊ ۾ پيادل لانگ مارچ ، نعريبازي ، ڌرڻو. ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياءَ تي ڊيم ٺاهڻ نه ڏيندا. ان خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ …

تفصيل »

رپورٽ| نوابشاهه ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ماتمي جلوس ڪڍي ڀيٽا ڏني وئي

نوابشاهه ۾ چهلم جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو. موهني بازار ۾ مجلس عزا بعد ذوالجناح، تعزيه، پينگها، علم پاڪ ۽ جھولا ساڻ نڪتل نڪتل ماتمي جلوس ڪچهري روڊ کان ٿيندو ڪشمير چوڪ تي پهتو. قافلي ۾ شريڪ مومنن نوحا پڙهي عزاداري ڪري حضرت امام حسين کي …

تفصيل »

رپورٽ:نواب ولي محمد ۾ ٽريفڪ معطل ڪنهن ڪئي ۽ ڇو ڪئي ..؟؟

* نواب ولي محمد ويجهو ديهه جهونجهاڻ ۾ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.  زرعي زمين تي مبينا قبضي خلاف  هڪ ڌر جي  پير بخش ملاح، بادل ملاح، حاڪم ملاح،  قومي شاهراه تي جيلاني پيٽرول پمپ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراه …

تفصيل »

رپورٽ:تنگواڻي:ضلعي چيئرمين جي سهري جو  لاڏاڻو

*تنگواڻي ۾  صوبائي وزير شبيرعلي بجاراڻي جو مامو ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين مير محبوب علي  بجاراڻي جي سهري آغا عزيزالله بجاراڻي جي جنازي نماز ڳوٺ گڙدو ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ صوبائي وزيرمير شبير علي  بجاراڻي، مير محبوب علي بجاراڻي، مير شاهزين بجاراڻي ،مير غزين بجاراڻي  ۽  علائقي …

تفصيل »

رپورٽ:مٺي: ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر بيري سان ڇا ڪيو جو هو سراپا احتجاج بڻجي ويا؟ڏسو هن خبر ۾

مٺي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز شاهه جي امڪاني آمد تي ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو. چيف سيڪريٽري جي آمد کان اڳ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد ڪبير شاهه سول اسپتال جي انتظامن جي جائزي لاءِ دورو ڪيو. اسپتال اندر چانهه کڻي اچڻ تي پابندي هجڻ سبب، مريضن کي …

تفصيل »

سپريم جوڊيشل ڪونسل جي سفارش تي جسٽس شوڪت عزيز کي عهدي تان هٽايو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪونسل جي سفارش تي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. تفصيل موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش صدر ڏانهن موڪلي جنهن …

تفصيل »

نيوز: احمدپور: صوفي بزرگ امير بخش فقير صوفي جي درگاهه تي صوفياڻي راڳ جي محفل

Ahmedpur: Celebration of anniversary of Sufi ameer bux faqir

* احمدپور  ويجهو  ڳوٺ علي سائين آباد ۾ صوفي بزرگ امير بخش فقير صوفي جي درگاهه جي اڱڻ تي صوفياڻي راڳ جي محفل ٿي.  محفل ۾  سنڌ جي مشهور فنڪارن نرودا مالي، شڪيل احمد ميتلو ۽ ٻين فنڪارن پاران سڄي رات سرن جي ورکا ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي …

تفصيل »

نيوز | ٺارو شاهه: مشهور راڳي نجب علي وسطڙو  ڪاري ڪامڻ وگهي فوت

NajabAliWistro, Tharushah

ٺارو شاهه واسي ۽ سنڌ جو مشهور راڳي نجب علي وسطڙو  ڪاري ڪامڻ جي بيماري وگهي فوت ٿي ويو آهي. ڪراچي جي اسپتال ۾ مشهور راڳي نجب علي وسطڙو ٻن مهينن کان ڪاري ڪامڻ جي بيماري سان جهيڙيندي دم ڏنو. راڳي نجب جي لاڏاڻي تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول …

تفصيل »