13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ| ڪوٽڏيجي: ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي ايف آءِ اي ٽيم جو ڇاپو

ڪوٽڏيجي ٽائون ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۽ ملازمن کي 5  مهينن کان پگهارن نه ملڻ خلاف خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ ايف آءِ اي جي ٽيم پاران ڇاپو هنيو ويو. ڇاپي وقت ايف آءِ اي جي ٽيم ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر کان 2 ڪلاڪن تائين سخت پڇاڻو ڪيو. …

تفصيل »

رپورٽ| کپرو: زميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو، 10 هاري آزاد

کپرو پوليس عدالتي حڪم تي بااثر زميندار جي خانگي جيل تي ڇاپو هڻي 10 هارين کي آزاد ڪرائي ورتو. پوليس ايڊيشنل سيشن جج کپرو جي حڪم تي لوڻ کاڻ ويجهو ڇاپو هڻي بااثر زميندار عثمان هنڱورجو جي خانگي جيل مان عورتن ۽ ٻارن سوڌو 10 هارين کي آزاد ڪرايو. ان …

تفصيل »

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. موٽر وي تي ڳوٺ عزيز آباد ويجهو تاڙ ۾ بيٺل موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن منظور علي ۽ سندس پٽ عاشق چانڊيو کي گوليون هڻي ڀڄي ويا هٿياربندن جي فائرنگ ۾ منظور علي ٿڏي تي …

تفصيل »

رپورٽ| ڏوڪري: آءِ ايڇ ايس پاران انتظام سنڀالڻ کانپوءِ اسپتال جي حالت ٺيڪ آهي: اڳواڻ

آءِ ايڇ ايس جي ڊائريڪٽر نبي بخش ڀٽو چيو آهي ته ڏوڪري سول اسپتال ۾ گهربل سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ميڊيا سان ڳالهائيندي نبي بخش ڀٽو چيو ته آءِ ايڇ ايس کان پهريان سول اسپتال ۾ عملي سوڌو دوائن جي کوٽ هوندي هئي جنهن سان عوام کي پريشاني ٿيندي …

تفصيل »

رپورٽ| خيرپور: ڳوٺاڻن پاران پ پ ايم پي اي جي ظلم خلاف احتجاج

خيرپور ۾ ڪوٽڏيجي جي ڳوٺاڻن پاران ايم پي اي منور وساڻ جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڳوٺ لاهي بخش کورکاڻي جي رهواسين ڪامران احمد، ڪرم الدين ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي پ پ ايم پي اي خلاف دانهيو سندن چوڻ هو ته هو پيپلزپارٽي پراڻا ووٽر آهن پر ايم …

تفصيل »

رپورٽ| ڀرياسٽي: گهر اندارن نوجوان جو پراسرار حالت ۾ لاش هٿ

ڀرياسٽي ويجهو هڪ ڏينهن گهران نڪتل نوجوان جو پراسرار حالت ۾ لاش هٿ آيو آهي. علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن پهچي لاش کڻي اسپتال پهچايو. شعيب علي آرائين صحافين سان ڳالهائنيدي چيو ته سندس ڀاءُ اصغر آرائين هڪ ڏينهن پهريان پڪا چانگ واري گهر مان نڪري …

تفصيل »

رپورٽ| ڪنڌڪوٽ: سنڌو درياهه تي ڊيمن جي اڏاوت ۽ ڌارين آبادڪاري خلاف ريلي

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران سنڌو درياءَ تي ڊيم اڏڻ،ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ سٽي پارڪ کان لائبريري چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. سيد جلال محمود شاه،نياز ڪالاڻي،رياض چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق جي …

تفصيل »

رپورٽ| نوابشاهه: حيسڪو بجلي جون رهتون ڄاڻائي 500ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

نوابشاهه جي ڪچي واري علائقي ۾ حيسڪو انتظاميا رهتون ڄاڻائي مختلف ڳوٺن جا 5سئو کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا. ضلعي شهيد بينظير آباد ۾ ايڪسين حيسڪو انصاف علي بروهي  جي ڳواڻي ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف رينجرز ۽ پوليس جي مدد سان گذريل ڪجهه ڏينهن کان آپريشن هلندڙ آهي …

تفصيل »

رپورٽ| نوابشاهه: بلاول شاخ تي پل نه ٺهڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج

نوابشاھ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نالي سان منصوب بلاول شاخ جي آر ڊي 22 وٽ پل نه هجڻ ڪري 100 کان وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ڳوٺاڻن ڪائونسلر علي حسن مڪراني، علي حسن زرداري ۽ جاويد علي جي اڳوڻي ۾ …

تفصيل »

رپورٽ| ڪنب: نوجوان ريل گاڏي هيٺان چيڀاٽجي فوت

ڪنب ويجهو ريل جي پٽڙي پار ڪرڻ وقت حادثي ۾ ڳوٺاڻو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ڳوٺ جمن ڄامڙو واسي غازي خان ڦاٽڪ پار ڪري رهيو هو ته اوچتو هزار ايڪسپريس مٿان ڇڙهڻ سبب هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش کڻائي …

تفصيل »

رپورٽ| نواب شاهه: وڪيلن پاران ضياءُ الحسن لنجار تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ڪانفرنس

 نواب شاهه ۾ وڪيل پاران ضياءُ الحسن لنجار خلاف نيب طرفان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ علي رضا چنا، علي حسن لنڊ ۽ علي حيدر شاهه پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائندي چيو ته نيب بنا سبب ايڊووڪيٽ ضياءُ الحسن لنجار خلاف ڪيس …

تفصيل »

رپورٽ| وارهه: خانگي اسڪول جي پرنسپال ارشد آرائين جو قتل ڪيس داخل

وارهه ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ارشد ناز آرائين جو قتل ڪيس سندس گهر واري جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن خانگي اسڪول تي حملو ڪري ارشد ناز آرائين کي قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سندس وَني جي دانهن تي …

تفصيل »

رپورٽ| حيدرآباد: آل سنڌ وين ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن پاران ڌرڻي جو اعلان

آل سنڌ وين ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي سربراهه حمزو بروهي چيو آهي ته 15 ڊسمبر تائين سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي شروع نه ٿي ته 16 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ بند ڪري سنڌ- پنجاب رستن تي ڌرڻا هنيا ويندا حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس …

تفصيل »

رپورٽ| ڏهرڪي:ٽائون چيئرمين بنا سبب سندس خلاف پروپيگنڊا ڪري پيو: حاجي دادن مهر

ڏهرڪي واسي حاجي دادن مهر چيو آهي ته هن ڪنهن به پورهيت کي ناهي گرفتار ڪرايو، پر بااثر بنا سبب سندس خلاف پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ دادن مهر چيو ته هن پاڻمرادو شهر جي صفائي ڪري ان تان مڇرجي ٽائون چيئرمين ۽ سندس ڀاءُ …

تفصيل »