23 منگل , اکتوبر 2018

دادو ضلعو

نيوز: واهي پانڌي: پوليو جو ڪيس ظاهر ،وارث سخت پريشان

*واهي پانڌي ويجهو پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي،ڳوٺ خانه بدوش ۾ ٻارڙي پوليو جي موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ٻه سال اڳ بلوچستان مان آيل خانابدوشن جي گهر ۾ ڏيڍ سال جي ٻارڙي رشيدا ڌي خدابخش کي پوليو جي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. …

تفصيل »

نيوز: واهي پانڌي: ڳوٺ بهليل شاھ ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ هڪ امڙ جي جهولي اجڙي وئي

*واهي پانڌي ويجهو ڳوٺ بهليل شاھ ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ هڪ امڙ جي جهولي اجڙي وئي ، ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا،  صحت  کاتي ڪي بھ جوڳا اپاءَ نھ ورتا. ڳوٺ بهليل شاهه ۾ ارڙي وگهي معصوم رميسا فوت ٿي وئي، جڏهن تھ صائمه ، عبدالرحيم ، …

تفصيل »

نيوز: سن: زال مڙس  گهرو اڻبڻت تان   جيت مار  دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو

*سن ڀرسان زال مڙس  گهرو اڻبڻت تان   جيت مار  دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو.  ڳوٺ ڪلري  ۾ پنھون ڪولھي ۽ سندس زال سونيا گھرواڻبڻت تان جيت ماردوا پي ڇڏي، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  سن اسپتال منتقل ڪيو ويو. سن جي اسپتال ۾  طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ کين   …

تفصيل »

نيوز: سن: انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي، ٻالڪ ۽ عورت فوت، 6  ڄڻا سخت زخمي

*سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾  ٻالڪ ۽ عورت سميت ٻھ ڄڻا فوت، ٽن عورتن سميت 6  ڄڻا سخت زخمي ، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل…………… سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾  ٻالڪ ۽ عورت سميت ٻھ …

تفصيل »

نيوز: ميھڙ: عوامي تحريڪ ۽  سماجي تنظيم پاران شهر ۾ وڌنڌڙ بدامني خلاف احتجاج

*ميھڙ  ۾ عوامي تحريڪ ۽  سماجي تنظيم هيومن رائيٽس فائونڊيشن پاران شهر ۾ وڌنڌڙ بدامني ،  چورين،  ڦرن   ۽ جوا جي اڏن خلاف  احتجاج ڪيو ويو. سعيد پنهور ،  وڪيل امتياز جتوئي،   ذوالفقار ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي …

تفصيل »

نيوز : واهي پانڌي: نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ،   امتحاني سينٽر  تي ڪاپي جي ڌم متل

واهي پانڌي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان شروع ٿي ويا آهن ، جڏهن تھ  امتحاني سينٽر  تي ڪاپي جي ڌم متل آهي. نائين ۽ ڏهين جي ٿيندڙ پيپر دوران اسڪولز انتظاميا ۽ پوليس جي سرپرستي هيٺ ڪاپي جي ڌم متل  آهي جڏهن ته پابندي باوجود فوٽو اسٽيٽ جا دڪان  …

تفصيل »

نيوز: سنڌ پوليس ۾ڀرتين لاءِ دادو ۾ اميدوارن جي ڊوڙ، نوجوانن جو  احتجاج

دادو ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتين لاءِ رننگ ٽيسٽ ۾ بدنظمي خلاف اميدوارن پاران احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. انڊس هاءِ وي تي اميدوارن بدنظمي تي پوليس خلاف ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. پوليس احتجاج ڪندڙ اميدوارن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوجوان …

تفصيل »

نيوز : ڀان سيدآباد: انڊس هاءِ وي تي اسپيڊ بريڪر نه هجڻ خلاف احتجاج

*ڀان سيدآباد ۾  انڊس هاءِ وي تي مقرر دوڪاندارن پاران باءِ پاس تي اسپيڊ بريڪر نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو . منير سيال، گل ڀٽو ،نبيل بروهي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ شهرين  انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن …

تفصيل »

نيوز : واهي پانڌي:ڳوٺاڻن جو پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

واهي پانڌي ڀرسان ڳوٺاڻن پيئڻ جي  پاڻي جي کوٽ   خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ راضي خان رودناڻي ۾ ڳوٺاڻن پيئڻ جي  صاف پاڻي  جي کوٽ خلاف  هٿن ۾ خالي  ٿانو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو دانهيو تھ    هن جديد دور ۾ …

تفصيل »

نيوز : ميهڙ: قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

ميهڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ ۽ ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي خلاف احتججي مظاهرو ڪيو ويو. ايڊوڪيٽ  منور جتوئي،  ايڊووڪيٽ عمران لاکير،  اي ڪي بروهي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف …

تفصيل »