22 پیر , اکتوبر 2018

مقامي خبرون

نيوز | نوابشاهه ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي زال ڪيئن ٿي اغوا؟ ڏسون ٿا نوجوان جو اهم انڪشاف

نوابشاھ ۾ عدالتي پرڻو ڪندڙ نوجوان گهرواري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي . پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ارسلان انصاري نوابشاھ پريس ڪلب پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هن سوها بلوچ سان سندس مرضي سان پرڻو ڪيو آهي پر ان جا مائٽ سندن جاني دشمن ٿي ويا آهن. …

تفصيل »

نيوز | ڪوٽڙي ۾ نينگري پاڻي جي ٽينڪي ۾ ڪيئن ٻڏي؟ تفصيل ڏسي سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو

ڪوٽڙي جي علائقي سائيٽ ٻٻر اسٽاپ ڀرسان پاڻي جي ٽينڪي ۾ ڪري نينگري فوت ٿي وئي. 8 ورهين جي نينگري صغريٰ سولنگي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري فوت ٿي وئي، سندس لاش تعلقه اسپتال آندو ويو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن واقعي جو ٻڌي نينگري جي …

تفصيل »

نيوز | ٻانڌي ۾ خوفناڪ حادثو، موٽر سائيڪل سوارن سان ڇا ٿيو؟ تفصيل ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندو

ٻانڌي ۾ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل حادثي ۾ چاچو ۽ ڀائيٽو فوت ٿي ويا آهن. مهراڻ هاءِ وي تي دستگير ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل حادثي ۾ چاچو ۽ ڀائيٽو فوت ٿي ويا. حادثي ۾ فوت ٿيل جاويد ۽ سندس نوجوان ڀائيٽي رضوان آرائين جا لاش بنيادي صحت مرڪز آندا …

تفصيل »

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ انور ملاح، واحد خاصخيلي ۽ ڪاڪا اشفاق سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ستا واهه کان مين بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو …

تفصيل »

نيوز| پٿوري ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف سان آهي ڪهڙو ويڌن؟ مرڪزي اڳواڻن جا حيران ڪندڙ انڪشاف

پٿوري ۾ تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جي مرڪزي صدر وزير ڪيريو، پونجراج ۽ مٺا خان سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته تعليم کاتي وارن سندن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي هئي، پر اڃا …

تفصيل »

نيوز | جهڏي جي رهواسڻ کي مڙس ڇو ڪڍي ڇڏيو؟ عورت جا حيران ڪندڙ انڪشاف ڏسو وڌيڪ تفصيلن ۾!!

جهڏي ويجهو  ٻن ٻارڙن جي ماءُ کي سهريجن  مبينا  طور تذليل ڪري کيس  گهران ڪڍي ڇڏيو آهي . يوسي سانگي ڦراهو جي رهواسڻ ناري شريمتي هوشو ڌيءَ نارائڻ ڪولهي ميڊيا سينٽر  پهچي دانهيندي چيو ته 8 سال اڳ  هن جي شادي امرشي ڪولهي سان ٿي ۽  ٻه سال خوش گذاريو …

تفصيل »

نيوز | ڇا ملڪ ۾ سول حڪومت ناهي؟ عمران خان ڪيئن بادشاھ بڻجڻ جي ڪوشش پيو ڪري، کينئل داس ڪوهستاني جو حيران ڪندڙ انڪشاف

ڪوٽڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي ته ڪوڙو مينڊيٽ ماڻيندڙ عمران خان سنڌين جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پناهگيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. نون ليگ مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر ۽ …

تفصيل »

نيوز | سکر ۾ ميرپور ماٿيلو واسي عورتن ۽ مردن احتجاج ڪري ڪهڙا ڏيکاريا خدشا؟ ڇا پوليس به ساڻن سهڪار نه پئي ڪري؟

پريس ڪلب آڏو مير پورماٿيلو واسي بوزدار برادري جي لياقت، مائي تيگي ۽ حضوره سميت ٻين مبينا طور اغوا ٿيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو. هنن چيو ته سندن نوجوان خالد ٽن ڏينهن کان گم آهي، گهڻي ڳولا باوجود سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. سندن چوڻ هو …

تفصيل »

نيوز | گمبٽ ڀرسان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن ڪهڙو ڪيو انڪشاف؟ نوجوان کي ڪنهن کنڀيو؟ ڄاڻي حيران ٿي ويندو حيران

امير علي، غلام رسول ۽ قادر بخش اڄڻ نوجوان مصرت جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو. هنن الزام هنيو ته کهڙا ابل واهه تان پوليس سندن نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي پوليس نوجوان جي گرفتاري بابت اڻڄاڻائي ظاهر ڪري رهي آهي. سندن چوڻ هو ته نوجوان مصرت …

تفصيل »

نيوز | ڀٽ شاهه ڀرسان ماڻهو ته بچي ويا پر 3 مينهون مري ويون…! سبب ڄاڻڻ لاءِ تفصيل ڏسو

ڳوٺ سلامت ڪيريو ۾ 11 هزار بجلي جي تار ڪري پئي، جنهن ۾ وڪوڙجي 3 مينهون ٿڏي تي مري ويون. ڳوٺاڻن موجب 11 هزار بجلي جي لائين تمام گهڻي پراڻي هئي، جنهن سبب واقعو پيش آيو. هنن چيو ته رابطي ڪرڻ باوجود واپڊا عملو ناهي پهتو

تفصيل »