13 جمعرات , دسمبر 2018

انٽرنيشنل

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. يمني جنگ جي حوالي سان انگ اکر گڏ ڪندڙ عالمي گروپ ”اي سي ايل اي ڊي“ موجب رڳو هلندڙ سال جي پهرين 11 مهينن دوران 28 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا …

تفصيل »

صدر عارف علوي جي سعودي شاهه سلمان سان ملاقات

رياض(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي صدر عارف علوي سعودي فرمانروا خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي عرب ۾ پاڪستان جو وقتي سفير ذيشا …

تفصيل »

برطانوي وزيراعظم کي عدم اعتماد جي تحريڪ کي منهن ڏيڻو پوندو : پارليامنٽ ڪميٽي

لنڊن( ويب ڊيسڪ )برطانوي وزيراعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ پنهنجي پارٽي طرفان به سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ هاڻ ڪنزرويٽو پارٽي جي هڪ ڪميٽي جي سربراهه گراهم بريڊي جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ٿريسامي کي اڄ اعتماد جي کوٽ واري …

تفصيل »

ملائيشن وزيراعطم جي گهرواريءَ تصوير ڪڍرائڻ وقت عمران خان جو هٿ ڇو پڪڙيو ؟

ڪوالالمپور ( ويب ڊيسڪ ) گذريل مهيني وزيراعظم عمران خان جي دوري دوران ملائيشيا جي خاتون اول سيتي حسما محمد علي اُن وقت پاڪستاني وزيراعظم جي مداح طور تي سامهون آئي هئي جڏهن هن فوٽو سيشن دوران عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته ڇا مان اوهان جو هٿ پڪڙي …

تفصيل »

سعودي عرب آمريڪا جو تمام سٺو اتحادي آهي: آمريڪي صدر

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته سعودي عرب آمريڪا جو تمام سٺو اتحادي آهي ۽ هو آمريڪي ڳجهي ايجنسي جي رپورٽ باوجود محمد بن سلمان سان گڏ بيٺل آهي. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ولي عهد محمد …

تفصيل »

فرانس : ڪرسمس مارڪيٽ ويجهو فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 12 زخمي

اسٽراس برگ ( ويب ڊيسڪ ) فرانس جي شهر اسٽراس برگ ۾ قائم ڪرسمس مارڪيٽ ويجهو فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي ڪرسمس مارڪيٽ ويجهو سيڪيورٽي فورسز فائرنگ ڪري زخمي ڪري وڌو پر …

تفصيل »

مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين جو الزام: آمريڪا، پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙين جي الزام ۾ پاڪستان کي پنهنجي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري ورتو آهي. آمريڪا جي ان قدم جو مقصد اقليتن جي تحفظ جي حوالي سان پاڪستاني حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو موجب پاڪستان کي هڪ سال تائين …

تفصيل »

ٽائم ميگزين مقتول صحافي جمال خاشقجي کي پرسن آف دي ايئر چونڊي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ٽائم ميگزين سعودي صحافي جمال خاشقجي کي پرسن آف دي ايئر چونڊي ورتو آهي. ٽائم ميگزين طرفان سعودي صحافي جمال خاشقجي ۽ فرض انجام ڏيڻ دوران ظلم جو نشانو بڻجندڙ ٻين صحافين کي سال 2018 کي پرسن آف دي ايئر چونڊي ورتو آهي. ٽائم ميگزين …

تفصيل »

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم: بالي ووڊ فلم حيدر جي اداڪار سميت 2 نوجوان شهيد

سري نگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج والاريل ڪشمير واسي ٻن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو، فوجي بربريت جو نشانو بڻجندڙ هڪ نوجوان بالي ووڊ فلم ”حيدر“ ۾ شاهد ڪپور سان گڏ ڪردار ادا ڪيو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ٻنهي نوجوانن کي ڀارتي فوج ڪوڙي مقابلي ۾ شيهد ڪيو جن جي …

تفصيل »

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ پنهنجي پارٽي طرفان به سخت تنقيد جو کي منهن ڏيڻو پيو پوي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن اڄ برطانوي پارليامينٽ ۾ يورپ جي عليحدگي جي لاءِ ٿيل ووٽنگ به ملتوي ڪري ڇڏي آهي. …

تفصيل »