24 جمعرات , جنوری 2019

Tag Archives: Lahore

عورتن جي خاص عدالت زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ جينڊر وائلنس عدالت 2019 جي پهرين فيصلي ۾ جوابدار وقاص خالد کي موت ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. جوابدار ميڊيڪل ڪاليج لاهور جي 22 ورهين جي شاگردياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو. جينڊر وائلس عدالت جي جج رحمت علي شاگردياڻي …

تفصيل »

لاهور ۾ اغوا ٿيل ٻار آزاد، عورت گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي گلشن اقبال پارڪ مان اغوا ٿيل 5 ورهين جي ٻارڙي کي آزاد ڪرايو ويو آهي. پوليس ٻار جي اغوا جو ڪيس سندس پيءُ فهد امان جي فرياد تي داخل ڪيو هو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون آئي هئي، جنهن ۾ ڏٺو …

تفصيل »

لاهور ۾ انجنيئرن جو پئرس جيان پيلي رنگ جون جيڪيٽون پائي احتجاج

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مختلف کاتن جي انجنيئرن مطالبن جي مڃتا لاءِ پئرس ۾ احتجاج ڪندڙن جيان پيلي رنگ جون جيڪيٽون پائي احتجاج ڪيو. پنجاب ايسوسيئيشن آف گورنمينٽ انجنيئرز جو ٽيڪنيڪل الائونس ڏيڻ، پي اسڪيل اپ گريڊ ڪرڻ ۽ سروس اسٽرڪچر واضح ڪرڻ لاءِ 23هين ڏينهن به احتجاج جاري …

تفصيل »

پنجاب حڪومت بسنت تان پابندي ختم ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ثقافتي تهوار بسنت کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب ۾ فيبروري مهينو شروع ٿيندي ئي بسنت جو تهوار ملهايو ويندو آهي پر ڳلي ۾ ڏور ڦاسڻ ۽ ٻين اڻ وڻندڙ واقعن سبب صوبي ۾ ڪيترن ئي سالن کان ان تي پابندي هئي. لاهور …

تفصيل »

لاهور جي الحمرا آرٽس ڪونسل ۾ غير معياري ڊرامن تي پابندي لاڳو

لاهور(ويب ڊيسڪ)حڪومت الحمرا آرٽس ڪونسل ۾ غير معياري ڊرامن تي پابندي لاڳو ڪندي اسڪرپٽ جي اڳ منظوري کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي سڌُ سماءِ واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ الحمرا آرٽس ڪونسل جي گورننگ باڊي ٽوڙيندي الحمرا آرٽس ڪونسل ۾ غير معياري ڊرامن تي پابندي لاڳو …

تفصيل »

لاهور ۾ عورت جو آپريشن دوران زيادتيءَ جو الزام، صحت واري وزير نوٽيس ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سروسز اسپتال ۾ آپريشن لاءِ آيل عورت پاڻ سان زيادتيءَ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي صحت بابت وزير ياسمين راشد واقعي جو نوٽيس وٺندي 3 رڪني جاچ ڪميٽي ٺاهي رپورٽ طلب ڪئي آهي. لاهور جي شادمان ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ …

تفصيل »

لاهور ڀرسان کير جي ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي ڀرسان رائيونڊ روڊ تي کير سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 16 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب حادثو سندر ڀرسان پيش آيو جتي موضع ڀڀا ڪلان کان 25 گوالي هڪ ٽرڪ ۾ کير کڻي لاهور آندو پئي ويو ته …

تفصيل »

ڊي جي نيب لاهور جي اصلي ڊگري جاري، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس به خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم جي ڊگري بابت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نيب سندس ڊگري جي اصل ڪاپي به جاري ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ڊي جي نيب لاهور جي ڪوڙي ڊگري بابت ڪيس 12 نومبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر …

تفصيل »

سپريم ڪورٽ: ڊي جي نيب لاهور جي ڊگري بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڊائريڪٽر جنرل قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور جي ڊگري بابت ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ 12 نومبر تي ڊي جي نيب لاهور شهزاد سليم جي ڊگري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو جنهن جي لاءِ …

تفصيل »

لاهور ۾ حدخلين خلاف آپريشن ۾ 3757 ڪنال ايراضي آجي ڪرائي وئي: رپورٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران مجموعي طور 3757 ڪنال ايراضي آجي ڪرائي وئي. ضلعي انتظاميا لاهور ۾ حددخلين خلاف جاري آپريشن ۾ واگراز ڪرايل ايراضي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب مجموعي طور 3 هزار 757 ڪنال ايراضي آجي ڪرائي وئي، جنهن جي …

تفصيل »